اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان ??حفوظ رهڻ جي لاءِ موثر قدم لازمي آهن، گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان ??وسمياتي تبديلي جي اثرن کا?? متاثر ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سياست کان ??ٿانهون ٿي قومي جذبي سان ڪم ڪرڻو ??ون??و. هن اهڙن خيالن جو اظهار وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعليم سان اسان کي حقوق العباد، حقوق الله ۽ نباتات جي حقن جو درس ملي ٿو، انهن نعمتن جي قدر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ان طرف ڌيان ڏيڻو ??ون??و، آلودگي ۽ ماحول کي متاثر ڪندڙ ٻين عملن سان ??نفي اثر پيدا ٿين ٿا جنهن جو نتيجو ڪڏهن اسان ??وڏ، ڪڏهن زلزلي يا ڪڏهن ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ ڏسون ٿا. وزيراعظم چيو ته گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود گذريل سال ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ??يو، اسان کي موسمياتي تبديلي جي مسئلن ۽ منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبي تحت ڪم ڪرڻو ??ون??و ۽ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌرين کي موسمياتي تبديلي جي مسئلي جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو ??ون??و، سرڪاري ادارن ۽ ٻين رياستي ادارن کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان ته ان حوالي سان ??نهنجو ڪردار ادا ڪنداسين پر جيستائين وسيلن جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ٻين قدمن جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.