ڪان مهترزئي-20 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي اباڻي علائقي ڪا?? مهترزئي قلعه سيف الله ۾ عوامي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته هو ??لد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪا?? مهترزئي جو دورو ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جو ذاتي طور جائزو وٺندو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙو اظهار هن ڪا?? مهترزئي واسين کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هو علائقي جي سڀني سياسي قيادت، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، سول سوسائيٽي ۽ وڪيلن طرفان نگران وزيراعظم جي نامزدگي تي مبارڪون ڏيڻ تي شڪر گذار آهي، وزيراعظم پروگرام جو انتظام سنڀاليندڙن جو خاص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته ڪا?? مهترزئي، قلعه سيف الله کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ ۽ پٺتي پيل حالتن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، قلعه سيف الله ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري روزگار جي فراهمي ۽ امن اما?? لاءِ قدم کنيا ويندا. تقريب ۾ مختلف سياسي اڳواڻن، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، صحافين، زميندارن ۽ وڪيلن سميت زند??ي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.