اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽي جي ڇپ هيٺان دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻا??ن جي گهرڀاتين جي لاءِ في ڪس 10 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽيءَ جي ڇپ ۾ دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻا??ن جي گهرڀاتين جي لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. هن هر فوت ٿيندڙ ٻا?? جي گهرڀاتين جي لاءِ 10 لک رپين جي م??لي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ڇپ ڪرڻ سان زخمي ٿيندڙ شخص کي به وزيراعظم پاران مالي امداد ڏني ويندي. وزيراعظم مالي امداد جو اعلان پنهنجي صلاحڪار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر انجنيئر امير مقام جي درخواست تي ڪيو. انجنيئر امير مقام وزيراعظم کي خط لکي م??رتنگ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي امداد جي اپيل ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف انجنيئر امير مقام کي م??اثر خاندانن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪرڻ جي پڻ ه??ايت ڪئي. هن چيو ته متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.