رياض -26 جون (اي پي پي) سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) اردو سان گڏوگڏ پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۾ به ميڊيا پيغام شايع ۽ نشر ڪرڻ جو ??يصلو ڪيو آهي، جنهن جو ??قصد حاجين تائين درست ۽ مستند معلومات سندن پنهنجي ٻولي ۾ فراهم ڪرڻ ۽ سعودي حڪومت جي قدمن ۽ خدمتن جي حوالي سان آگ??هي پيدا ڪرڻ آهي. سعودي قيادت طرفان عالمي خابرو ايجنسين سان شراڪتداري تحت سعودي خابرو ايجنسي (ايس پي اي) اردو کان علاوه پاڪستان جي علائقائي ٻولين سنڌي، بلوچي ۽ پشتو کي به انهن ٻولين ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي حاجين کي معلومات ۽ آگ??هي فراهم ڪئي ويندي. ايس پي اي ان کان اڳ عرب??، انگريزي، فرانسيسي، روسي، چيني، فارسي، ڀاشا، ملائي، تامل ۽ هسپانوي ٻولين سميت مختلف عالمي ۽ علائقائي ٻولين ۾ ميڊيا مواد جاري ڪري رهي آهي.