ڪراچي – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شهر قائد جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جيالا چونڊجڻ کي پارٽي جي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي ?? ان اڳڀرائي کي پوري پاڪستان جي فتح قرار ڏنو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب صديقي کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان عبدالله مراد کي ڊپٽي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي ڪراچي جي جيالن جي ڊگهي جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. ه?? چيو ته ملڪ جي معاشي حب ۾ نفرت ۽ ورڇ جي سياست پنهنجي منطقي انجام تي پهتي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جمهوريت بهترين ??نت??ام آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪراچي هاڻي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻجندو. ه?? چيو ته ڪراچي جي هر گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي جا بلدياتي مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪنداسين. ه?? چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي سمورن چونڊيل نمائندن جي ڪلهن تي هاڻي وڏيون ذميواريون آهن، پر مون کي يقين آهي ته ماضي ۾ ڏکئي ترين حالتن جو مقابلو ڪندڙ جيالا هن ڀيري به پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀائي هڪ نئين تاريخ لکندا.