انقره-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پاڪستان ۾ ترڪيھ جي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جا??ي بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ – ياترم جي چيئرمين ۽ ترڪيھ جي پرڏيهي، اقتصادي لاڳاپن وا??ي بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي ??در نيل اولپاڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون. ترڪيھ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپن وا??ي بورڊ جي ??در وزيراعظم کي ترڪ ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي بابت آگاه?? ڪيو، جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ ترڪيھ ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شرڪت ڪئي.