اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي، صوبي جا سمورا مسئلا ۽ گم ٿيل ??اڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي شاگردن جي شڪايتن جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميشن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ڪميشن وزير??عظ?? کي بلوچستان سان تعلق رکندڙ شاگردن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان ڪميشن پاران جوڙيل رپورٽ تي بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بلوچ شاگردن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان رپورٽ انتهائي جامع آهي ۽ انتهائي ايمانداري ۽ سنجيدگي سان جوڙي و??ي آهي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن تي عملدرآمد کي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته بلوچ شاگردن جا مسئلا ۽ شڪايتن جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بلوچ شاگرد پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ انهن جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ ئي پاڪستان جي ترقي آهي. وزير??عظ?? چيو ته قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان جا سمورا مسئلا خاص طور تي گم ٿيل ??اڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ??اڻهن جي حوالي سان آئين ۽ قانون جي دائري جي اندر رهند?? مناسب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته حصيداري ۽ پارٽنرشپ جي حڪمت عملي اختيار ڪري قومي اتحاد ۽ ترقي يق??ني بڻائي سگهجي ٿي. وزير??عظ?? چيو ته بلوچستان جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي و??ڳيل آهي. هن هدايت ڪئي ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ترقياتي فنڊز جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي. وزير??عظ?? چيو ته عورتن ۽ معاشري جي محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ڪميشن جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ۽ ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، افراسياب خٽڪ، ناصر محمود کوسا، ميجر (ر) حسنين ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي و??ير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي و??ير سينيٽر ??عظ?? نذير تارڙ، وزير??عظ?? جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. بلوچستان جي شاگردن جي شڪايتن جي حوالي سان ان ڪميشن جو قيام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سيپٽمبر 2022ع ۾ عمل ۾ آيو هو.