اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جو ضامن آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالا دور ۾ اهڙي پراسرار سينسرشپ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪيو، ان وقت جي ??زيراعظم کي عالمي ادارا ”پريس فريڊم پريڊيٽر“ جو شرمناڪ جارحیت/136272.html">خطاب ڏنو، عمران خان نه رڳو صحافين جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، گوليون هنيون. صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي ??يادت ۾ اتحادي حڪومت پريسجي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جي ضمانت ڏي ٿو. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي انهن صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن سچ جي ڳولا ۾ پنهنجي جانيون وڃايون. هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ اهڙي ”پراسرار سينسرشپ“ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪيو. هن چيو ته 2017ع ۾ ورلڊ پريس فريڊم انديڪس ۾ پاڪستان 139 هين نمبر تي هو، پي ٽي آءِ جي ??يڊيا دشمن پاليسين جي ڪري پاڪستان جي درجابندي ۾ 12 پوائنٽ جي ??ڌيڪ گهٽتائي ٿي. ان وقت وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي پريسفريڊم پريڊيٽر جو شرمناڪ جارحیت/136272.html">خطاب ڏنو ويو، عمران خان پنهنجي چار سالا دور ۾ نه رڳو صحافين جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، صحافين جي ??يٽ ۾ گوليون هنيون، پي ٽي آءِ جو چار سالا دور صحافين جي ??اءِ خطرناڪ دور هو. هن چيو ته عمران خان صحافت تي پابنديون هنيون، اه??ي طرح پابنديون لڳائڻ سان چار ڏينهن ته پنهنجو موقف ڏئي سگهجي ??و پر آخرڪار سچائي مڃڻي پوي ٿي، اڳوڻي حڪومت رياست پاران صحافين جي زبان بندي جي ??اءِ دٻاءُ وڌايو. هن پنهنجي غلطين تي نظرثاني ڪرڻ بدران پنهنجي ??اڪامين جي ڪاوڙ صحافين ۽ صحافتي ادارن تي ڪڍي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته اڄ ملڪ ۾ صحافت مڪمل طور تي آزاد آهي. هن چيو ته صحافي معاشري کي طاقتور بڻائين ٿا، چوڻي آهي ته معلومات ۾ طاقت آهي ۽ صحافي توهان کي اها طاقت ڏين ٿا. حڪومت صحافين جي تحفظ جي ??اءِ عملي قدم کڻندي رهندي.