اسلام آباد – 23 – اپريل (??ي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ خطي ۾ استحڪام جي حوالي سان سعودي عرب جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ته سوڊان م??ن پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جو ڪردار واکاڻ ج??ڳو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار سعودي پرڏيهي وزير فيصل جان فرحان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سعودي هم منصب فيصل بن فرحان کي عيد جون م??ارڪون ڏنيون. سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدلعزيز، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام لاءِ پڻ مبارڪباد جو پيغام پهچايو. هن سوڊان م??ن پاڪستانين جي واپسي ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.