اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزايافته قيدين تي نه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽٽائي جو اطلاق ز??ا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه هوندو. پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلا?? 65 ??الن کان وڌيڪ عمر جي قيدين ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي هوندو جيڪي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو قيد ??اٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ??ني آهي.