اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان 29 ۽ 30 مارچ تي جمهوريت بابت ٻي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي آمريڪا ?? ٻين شريڪ ميزبان ملڪن جا ٿورا مڃيندي چيو آ??ي ته هڪ متحرڪ جمهوريت طور پاڪستان جي عوام جمهوري قدرن سان گهري وابستگي رکي ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ويو آ??ي ته پاڪستانين جي نسلن وقت بوقت جمهوريت، انساني حقن ۽ بنيادي آزادين بابت پنهنجي اعتماد کي برقرار رکيو آهي، هلندڙ مهيني قوم 1973ع جي آئين جي 50 هين سالگرهه ملهائي رهي آه?? جيڪا پاڪستان ۾ جمهوري سياست جو سرچشمو آهي. ترجمان چيو ته اسان آمريڪا سان پنهنجي دوستي جو قدر ڪريون ٿا، بائيڊن انتظاميا دوران اسان جا گڏيل لاڳاپا ڪافي حد تائين وسيع ۽ وڌيا آهن، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحال?? جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته پاڪستان ان سمٽ جي عمل جو حصو ناهي رهيو جيڪو 2021ع ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ ملڪن سان ڪجهه قومي واعدا ڪرڻ جي ضرورت هئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته سربراهي اجلاس جو عمل هاڻي هڪ اعليٰ درج?? جي مرحلي تي آهي، ان لاءِ پاڪستان جمهوري اصولن ۽ قدرن کي فروغ ڏيڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ انساني حقن ۽ بدعنوان?? جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا ?? سربراهي اجلاس جي شريڪ ميزبانن سان ٻطرفو تعاون ڪندو.