اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪا??ل ۾ پرڏيهي وزارت ج?? ٻاهر ٿيندڙ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي تي تعزيت ج?? اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي ڪا??روائي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ان کي منهن ڏي?? جي لاءِ گڏيل ڪوش??ن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪر?? جي لاءِ افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سان گڏ ڪم ڪر?? جي لاءِ پاڪستان جي عز?? تي زور ڏنو.