اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن هارنيئس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جوليئن هارنيئس کي موسمياتي تبديلي جي ڪري ملڪ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جي ??وڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ مستقل اثرن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جوليئن هارنيئس کي ٻڌايو ته ??اڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي معاش?? مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ جي ڪري 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ??قصان کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪو نه رڳو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پاڪستان آيو پر مصيبت ۾ گهيريل پاڪستانين جي سڄي دنيا ۾ آواز بڻجي ??يو. جوليئن هارنيئس پاڪستاني ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بحالي لاءِ گڏيل قومن پاران مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ حڪومت جي ??تاثرين جي ??اءِ وقت سر ريسڪيو، امداد ۽ بحالي جي ??دمن کي مثالي قرار ڏنو.