نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي اڄ اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊا??ريڪٽر، ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر ۽ ٻين غيرملڪي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن به مصروف ڏينهن گذاريندو. گ??يل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊا??ريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ ورلڊ بئنڪ گروپ جو صدر ڊيوڊ مالپس ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي به صدارت ڪندو. وزيراعظم گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي صدر ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم مصر پاران 27 هين سي او پي جي حوالي سان ٿيندڙ سربراهن جي بند ڪمري اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر سعولي ننسطو سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو وزيراعظم آ??ريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن نيچرل هسٽري ميوزيم ويندو.