نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻارن جي خوراڪ ت??ار ڪندڙ ادارن ۽ ڪمپنين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪن، ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، عالمي اڳواڻن کي ٻوڏ جي تباهين ۽ پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪري رهيو آهيان. وزيراعظم جيڪو هنو قت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي، هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين بابت پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن گذريل رات آن لائين اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ٻوڏ سان سڄي پاڪستان ۾ تباهي ٿي آهي، صوبائي حڪومت، انتظاميا، سرڪاري افيسرن ۽ پاڪ ٻوڏ کانپوءِ جيڪي ڪوششون ۽ ڪارروايون ڪي??ن آهن، عوام جي نظر ۾ انهن جي عزت آهي ۽ الله تعاليٰ ان ??حن?? جو صلو عطا فرمائيندو. وزيراع??م چيو ته کيس اجلاس ۾ خبر پئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو درپيش آهي. وزيراعظم پاڪستان جي سرنديءَ وارن ادارن خاص طور تي ٻارن جي خوراڪ ت??ار ڪندڙ مقامي ڪمپنين (فوڊ مينوفيڪچررز) کي اپيل ڪئي ته اهي متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪن ۽ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ پاڪ فوج جي ذريعي لک??ن ??ارن تائين اها خوراڪ پهچائين. وزيراعظم دين ۽ دنيا جي ڀلائي لاءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيندڙ ماڻهن ۽ ادارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته متاثرين خاص طور تي ٻارڙا ۽ انهن جا والدين عطيو ڏيندڙن جي لاءِ دعائون ڪندا ۽ اهو الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪرڻ جو ذريعو هوندو. وزيراع??م چيو ته هن وقت پاڪستان پنهنجي تاريخ جي مشڪل تر??ن ??قت مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ جون تباهيون پوري دنيا آڏو آهن. وزيراع??م چيو ته هن دوري دوران عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪي??ن آهن ۽ انهن کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي مالي ۽ معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪي?? آهي. وزيراع??م چيو ته اسان کي الله تعاليٰ آڏو دعا ڪرڻ گهرجي ته اسان جي ??حن?? ۾ برڪت وجهي، اسان جي مسئلن جو خاتمو ڪري، پاڪستان کي هڪ عظيم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائي ۽ اسان جون مصيبتون ختم فرمائي.