اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا، ٻئي قومون گڏيل سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل مثالي دوس??اڻ?? لاڳاپا رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احسان مصطفيٰ يرادڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا. ٻئي قومون گڏيل ساماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل دوس??اڻ?? لاڳاپا رکندڙ آهن. اميد آهي ته گڏيل طور تي فائديمند گهڻ رخا لاڳاپا مستقبل ۾ به مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا. ترڪيءَ ۽ پاڪستان ٻين مسلمان ملڪن سان گڏ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن سميت مختلف فورمن تي اس??امو فوبيا جو مقابلو ڪيو. صدر چيو ته گڏيل ڪ??ششن جي ڪري گڏيل قومون 15 مارچ اس??امو فوبيا سان مقابلي جي عالمي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اس??امو فوبيا سڄي دنيا ۾ ۽ خاص طور تي ڀارت ۾ وڌي رهيو آهي. ڀارت ۾ سمورن مذهبي اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بنا ڪنهن خوف جي ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڀارت ۾ مسلمانن جي گهرن ۽ عبادتگاهن کي مسمار ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي مذهبي علامتن ۽ شخصيتن جي توهين ڪئي وئي. صدر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ترڪيءَ پاران پاڪستان جي مستقل حمايت جا ٿورا مڃيا. ٻئي ملڪ قبرص، غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گڏيل قومن جي نئين سر جوڙجڪ جي معاملي تي هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اس??ام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر پاڪ ترڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ذاتي ڪردار کي پڻ ساراهيو.