اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا معاشي ??ئلينج درپيش آهن، معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ دليراڻن فيصلن کان پاسو نه ڪنداسين، ڏينهن رات محنت سان قوم کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، انشاءَ الله سٺو وقت به ايندو. ڪابينا جي ا??لا?? کانپوءِ ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته قوم بدقسمتي سان اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين، بي ا??تها ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪم عقلي جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي. هي اسان جي لاءِ تمام وڏو معاشي ??ئلينج آهي جيڪو اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. وزيرا??ظم چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي پيٽروليم جون قيمتون جيڪي پوري دنيا ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، گهٽ ڪري ا??ندڙ حڪومت جي لاءِ ڄار وڇايو. اهو بدنيتي تي ٻڌل قدم هو. جيڪڏهن اڳوڻن حڪم??ان?? کي عوام جو ايترو ئي درد هجي ها ته 3 سالن ۾ ڪو سٺو مثال قائم ڪن ها ۽ عوام جي حقيقي ڀلائي جي لاءِ ڪجهه ڪن ها. عالمي سطح تي ڳنڀير صورتحال درپيش آهي ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌي رهيون آهن، اسان کي به مجبوري ۾ قيمتون وڌائڻيون پيون پر ان سان گڏ اسان 7 ڪروڙ غريب ماڻهن جي لاءِ ريليف جو به اعلان ڪيو ۽ بي آءِ ايس پي جي ذريعي 2000 رپيا ماهوار ملڪ جي ڪروڙين غريب ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. وزيرا??ظم چيو ته اهو فيصلو بجيٽ ۾ عريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو. سرندي وارن طبقن تي ٽيڪس هنيو ويو ته جيئن عام ماڻهو کي ا??و احساس ٿئي ته انهن جي حڪومت انهن جو بار ونڊڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيرا??ظم چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته ملڪ جو امير طبقو وڌيڪ ٽيڪس ڏئي حڪومت جو ساٿ ڏيندو. اهڙي طرح حڪومت وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري غريبن تي خرچ ڪري سگهندي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ا?? کي نڀائينداسين. اسان دليراڻا فيصلا ڪيا آهن وڌيڪ به ڪرڻا پوندا ته ڪنداسين ۽ معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ ڪو به ضروري قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائينداسين. وزيرا??ظم چيو ته مشڪل فيصلن کانپوءِ سٺو وقت به ايندو. مشڪل فيصلا اسان جي مجبوري آهي. اسان محنت سان ڪم ڪنداسين ۽ نتيجا الله جي هٿ ۾ آهن. وزيرا??ظم چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو پاڻ ئي ا?? جون ڌڄيون اڏايون. معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ جي ڪري اڄ معاشي مشڪلاتون درپيش آهن. اسان ڏينهن رات محنت جي ذريعي قوم کي ا?? مشڪل وقت مان ڪڍنداسين.