اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي عوام سان جيڪو مون واعدو ڪيو، اهو پورو ڪيو آهي، ايبٽ آباد ۽ پشاور کانپوءِ سستي اٽي جي فراهمي عنقريب پوري صوبي جي ٻين علائقن ۾ به شروع ٿيندي، خيبرپختونخوا ۾ گذريل 8 سالن کان رڪيل ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائينداسين. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار ان??نيئر امير مقام سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام ۾ مون جيڪو واعدو ڪيو اهو پورو ڪيو آهي. ايبٽ آباد ۽ پشاور کانپوءِ سستي اتي جي فراهمي عنقريب پوري صوبي جي ٻين علائقن ۾ به شروع ٿيندي، خيبرپختونخوا ۾ گذريل 8 سالن کان رڪيل ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائينداسين، وز??راعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخوا ۾ صوبائي حڪومت جي بدانتظامي سان ست??يل ماڻهن جا مسئلا فوري حل ڪري ۽ خيبرپختونخوا ۾ پارٽي تنظيم کي سرگرم ڪريو، ان??نيئر امير مقام وز??راعظم کي خيبرپختونوا جي عوام سان سستي اٽي جا واعدا پورا ڪرڻ تي وز??راعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.