اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شري رحمان موجود هيون. پرڏيهي وزير خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي سندس دور انديش قيادت ?? سعودي عرب کي ترقي جي نئين بلندين کي حاصل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن گذريل مهيني جده ۾ ٿيندڙ پنهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه جو زڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان حصيداري کي گڏيل فائدي لاءِ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن جو جائزو و??تو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي ڪسوٽي تي پورا لٿا آهن، هن سعودي عرب جي پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ ڪشمير ڪاز تي ان جي مستقل يڪجهتي کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن سعودي عرب – پاڪستان لاڳاپن جي تزويراتي اهميت ۽ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو و??جاءُ ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي مسئلن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ نظريات جي هڪجهڙائي جو ذڪر ڪندي او آءِ سي پليٽ فارم سميت اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل طور تي رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.