اسلام آباد – 27 – اپ??يل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي دهشتگردن جي حملي ۾ جاني نقصان تي چيني عملدارن سان تعزيت جي اظهار لاءِ هتي چين جي سفارتخاني ويو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ان موقعي تي پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به ساڻس گڏ هئي، پ??ڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو نسل در نسل وفائن جو هڪ سلسلو آهي، دهشتگردن پاڪ چين دوستي جي اساس تي ضرب لڳائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا، پ??ڪ چين دوستي کي سبوتاز نٿا ڪري سگهن، پ??ڏيهي وزير چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.