اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ذريعي محتسب جي اداري ۾ انقلابي تب??يلين جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ انتظامي ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي دوري دوران اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??در کي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي متاثر ماڻهن کي بنا معاوضي انصاف جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فوري انصاف جي فراهمي لاءِ قانونسازي جي مدد سان وفاقي محتسب کي وڌيڪ مضبوط ۽ مو??ر بڻائڻو پوندو. ??در چيو ته بهتر طرز حڪمراني جي لاءِ ناانصافي ڪندڙ سرڪاري ادارن سان رابطا وڌائڻ سان گڏوگڏ وفاقي محتسب جي خدمتن ۽ ڪردار بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو متاثر ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. ??در کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته اداري 2021ع ۾ 106732 شڪايتن کي اڪلايو جڏهن ته ان کي 110398 شڪايتون مليون، سال 2021ع ۾ 42 هزار کان وڌيڪ آن لائين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، 92.7 سيڪڙو کان وڌيڪ هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ويو ۽ 1.85 ارب رپين جي معاملن ۾ انصاف فراهم ڪيو ويو. وفاقي محتسب ??در کي ضلعي ۽ ذيلي سطح تي انصاف جي فراهمي لاءِ پهچ وڌائڻ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڏورانهن علائقن جي ماڻهن جي سهولت لاءِ 14 علائقائي آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ عالمي هوائي اڏن تي ون ونڊو سهولتي ڊيسڪون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ صوبائي محتسب کانسواءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ وفاقي محتسب جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان، صدارتي سيڪريٽريٽ جي ڪنسلٽنٽ (قانوني معاملا) جسٽس (ر) سيد زاهد حسين ۽ وفاقي محتسب جي سينيئر صلاحارن پڻ شرڪت ڪئي.