اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميان نواز شريف جا پئسا لنڊن ۾ ۽ سياس?? پاڪستان ۾ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن قومي اس??مبلي جي اڳوڻي اس??يڪر اياز صادق جي تصوير سان ان جو هڪ بيان شيئر ڪيو جنهن ۾ اياز صادق چيو هو ته ”ميان صاحب جو جسم لنڊن ۽ روح پاڪستان ۾ آهي“. وفاقي وزير چيو ته اصل صورتحال اها آهي ته ميان نواز شريف جا پئسا لنڊن ۾ ۽ سياس?? پاڪستان ۾ آهي، اڪائونٽ نوڪرن جا ۽ پٽ انگلستان ۾ آهن، اپارٽمينٽس لنڊن ۾ ۽ ڌيءَ ج?? نالي ت?? آهن.