اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪت??ب علمي، ادبي ۽ شعري خزاني تائين پهچ جو اهم ذريعو رهيو آهي، ڪت??ب پڙهڻ جي شوق سان ئي هر معاشري مختلف شعبن ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، جديد ميڊيا خاص طور تي انٽرنيٽ جي اچڻ ۽ پوءِ ڊيجيٽل ميڊيا جي فروغ اطلاعات تائين پهچ ۾ نئين رجحانن کي فروغ ڏنو، جتي ڊجيٽل، سوشل ميڊيا اطلاعات جو خانو آهن، اتي ڪت??ب اڃا به علم حاصل ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ اسٽڊي پروگ??ام ”تدبر“ جي افتتاحي تق??يب جي موقعي ??ي پنهنجي پيغام ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪت??ب پڙهڻ جي فروغ لاءِ جتي وزارت جي آفيسرن کي جديد موضوعن بابت ڪت??ب فراهم ڪيا ويندا، اتي اسان ٻاهرئين ملڪ مختلف سفارتخانن ۾ مقرر ميڊيا آفيسرن کي پڻ انهن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته اڄ اسان کي جن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، اسان کي بحيثيت قوم انهن جو حل ڳولڻو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ئي اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. انفارميشن سروس اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي آفيسرن جي لاءِ بڪ اسٽڊي پروگ??ام ”تدبر“ جي افتتاحي تق??يب کي خطاب ڪ??دي مقررين عوام ۾ ڪت??ب پڙهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. مقررين چيو ته ڪت??ب علم جو ذخيرو هوندو آهي جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا رڳو معلومات فراهم ڪري ٿي، نئين نسل ۾ ڪت??ب پڙهڻ جي عادت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان سان نه رڳو انهن کي تعليم جي حوالي سان معلومات مل??دي جڏهن ته انهن جي علم ۾ پڻ اضافو ٿيندو. اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي سيڪريٽري محمد اعظم تق??يب کي خطاب ڪ??دي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ بڪ اسٽڊي پروگ??ام شروع ڪرڻ کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو هڪ اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته انٽرنيٽ اچڻ کانپوءِ ڪت??ب پڙهڻ جي عادت ۾ گهٽتائي آئي آهي، انفارميشن گروپ جي آفيسرن کي ڪت??بن جي فراهمي لاءِ ”تدبر“ پروگ??ام هڪ بهترين قدم آهي. اطلاعات واري اڳوڻي سيڪريٽري چيو ته ماضي ۾ وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن ۾ يونيسيف جي تعاون سان ٻارن جي لاءِ 10 لائبريريون کوليون ويون جن بهترين موقعا فراهم ڪيا. هن چيو ته هاڻي انٽرنيٽ تي لکين ڪت??ب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ موجود آهن ۽ ڪير به انهن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي پروفيسر نجيبه عارف چيو ته نئين آفيسرن جي لاءِ ڪت??ب پڙهڻ جي بحالي هڪ سٺو قدم آهي. اطلاعات جي اڳوڻي وزير جاويد جبار پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان کي ڪت??ب پڙهڻ جي عادت وجهڻي پوندي، روزانو 30 کان 40 صفحن جو ڪت??ب پڙهڻ ضروري آهي. هن چيو ته ”تدبر“ پروگ??ام سان انفارميشن آفيسرن جي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ڊاڪٽر هما بقائي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪت??ب ۾ علم موجود هوندو آهي جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا رڳو معلومات فراهم ڪري ٿي. ان کان اڳ آجياڻي واري خطاب ۾ ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد چيو ته ڪت??ب پڙهڻ ۾ گهٽتائي جو هڪ وڏو سبب ڪت??بن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ آهي. هن چيو ته پرنٽنگ ڪارپوريشنسزتي ٽيڪسز ۾ گهٽتائي جي ضرورت آهي ته جيئن مناسب قيمت تي ڪت??بن جي دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي.