اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي ??تي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح وزيراعظم عمران خان جو رول ماڊل آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙو پاڪستان چاهي ٿو جتي معاشي ۽ ثقافتي قدر ??ضبوط ۽ عالمي دنيا ۾ ان جو مقام بلند تر هجي. هن چ??و ته اسان کي فرقيواريت ۽ شدت پسندي جهڙن ملڪ دشمن عنصرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري هڪ متحد قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته باباءِ قوم جي پيدائش جي ڏهاڙي تي اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين.