اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) افعانستان جي صورتحال تي ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس کي خطاب ڪندي عالمي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي تعاون جي ضرورت تي ??ور ڏيندي پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني جي آجيان ڪئي آهي ۽ ??يو آهي ته افغانستان ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي، افغانستان جي عوام اسان جي مدد جي منتظر آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ابراهيم حسين طحيٰ خطاب ڪندي سعودي عرب جي تجويز ۽ پاڪستان جي ميزباني ۾ افغانستان جي مسئلي تي ??جلاس طلب ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي ??يو ته او آءِ سي جا اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ بهترين انتظام ساراهه جوڳا آهن. هي اجلاس گهرائڻ پاڪستان جو افغان بحران جي حل جي عزم جو ورجاءُ آهي. هن ??يو ته اسان افغانستان جي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ پرعزم آهيون. هن ??يو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ علائقائي تعاون جي ضرورت آهي، سمورا ميمبر ملڪ پنهنجون صلاحيتون امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ وقف ڪن، او آءِ سي سدائين افغان مسئلي تي مضبوط موقف اختيار ڪيو آهي، افغانستان ۾ امن خطي جي لاءِ اهم ضرورت آهي، هي اجلاس افغانستان جي مدد جي لاءِ ڪامياب ثابت ٿيندو. افغانستان جي لاءِ انساني امداد جي جيتري اڄ ضرورت آهي اڳ ۾ ئي نه هئي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود ??يو ته او آءِ سي اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ بهترين انتظامن تي پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ايتري گهٽ عرصي ۾ اجلاس منعقد ڪيو، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي هن اهم ترين اجلاس کي منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، اجلاس ۾ شرڪت تي ??و آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ميمبرن جو ٿورائتو آهيان. سعودي پرڏيهي وزير ??يو ته افغانستان ۾ عورتن ٻارن سميت عوام مشڪلات جو شڪار آهي، افغانستان ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي، افغانستان جي عوام اسان جي مدد جي منتظر آهي، سعودي عرب افغانستان جي مسئلن کي سمجهي ٿو. هن ??يو ته افغانستان جي معاملي کي انساني بنيادن تي ڏسڻو پوندو. اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، افغانستان ۾ مالي بحران شديد ٿي ويو آهي. هن اپيل ڪئي ته عالمي ادارا افغان عوام جي مدد ڪن. ايشيا گروپ آف او آءِ سي ميمبر ملڪن پاران ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير ??يولود چاوش اولو ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن ??يو ته اسان افغانستان جي عوام سان يڪجهتي ??و اظهار ڪريون ٿا جيڪا هن وقت مشڪل حالتن ۾ ورتل آهي. هن ??يو ته افغانستان جي 23 ملين عوام کي بک درپيش آهي. ترڪ پرڏيهي وزير افغانستان ۾ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان، او آءِ سي ۽ اسلامي ترقياتي ??ئنڪ جي ڪوششن ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن ??يو ته افغانستان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قدم لازمي آهن. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته او آءِ سي کي يو اين ايڇ سي آر ۽ ٻين عالمي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانستان ۾ انساني همدردي تحت امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن ??يو ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ طالبان سان گڏجي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن افغانستان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان، ازبڪستان، انڊونيشيا ۽ ٻين ايشيائي ملڪن جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو مقصد پاڪستان جي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد افغانستان جي موجوده صورتحال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي ته جيئن ڊگهي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کان متاثر ملڪ کي ڪنهن به انساني بحران کي روڪي سگهجي. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جو بنيادي مقصد مسلمان امت پاران افغانستان جي عوام سان يڪجهتي ??و اظهار آهي جڏهن ته انهن کي انساني بنيادن تي ??فغانستان کي امداد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا آهن. هن ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ سان دنيا کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته افغانستان جي موجوده صورتحال رڳو هڪ انساني الميي کي جنم نه ٿي ڏئي سگهي پر ان جي نتيجي ۾ خطي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا. ريجنل عرب گروپ پاران اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي خطاب ڪندي ??يو ته او آءِ سي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، افغانستان جي عوام خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي، افغانستان هن وقت انساني بحران جي ويجهو آهي، افغان عوام جي سلامتي ??ي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن ??يو ته افغانستان جي ترقي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغان بحران خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ بحران مسلمان امت جي لاءِ چئلينج آهي. اردن افغانستان جي مدد جي لاءِ تيار آهي، افغانستان جي مدد جي لاءِ قدم ضروري آهن. او آءِ سي ڌرين جي گروپ پاران نائجير جي پرڏيهي وزير ??وسف محمد خطاب ڪندي ??يو ته افغانستان جي مسئلي تي ??ڄ جو غيرمعمولي اجلاس خوش آئنده آهي، اجلاس گهرائڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا، افغانستان جي عوام جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته افغان ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي نظر رکيل آهي. اسلامي ترقياتي ??ئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر خطاب ڪندي ??يو ته اڄ اسان افغان ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي ??ي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون، افغانستان کي اڄ ڪيترائي چئلي??جز درپيش آهن، افغانستان کي انساني بنيادن تي ??مداد فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن ??يو ته اسان جي پهرين ترجيح خوراڪ ۽ تعليم جي لاءِ امداد فراهم ڪرڻ آهي، نئين سر تعمير ذريعي افغانستان کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغانستان جي ڳوٺاڻن علائقن کي زرعي شعبي جي لاءِ سهولتون ڏينداسين، ڪو به اڪيلو ملڪ افغانستان جو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مائيڪل گرفٿ خطاب ڪندي ??يو ته لکين ٻار افغانستان ۾ تعليم کان محروم آهن، افغانستان ۾ استاد پگهارن کان محروم آهن. هن ??يو ته افغانستان ۾ بئنڪنگ جي نظام کي بحال ڪرڻو پوندو، افغانستان جي معيشت بحران جو شڪار آهي، افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ سڀ گڏ ٿيا آهيون، گڏيل قومون افغان مسئلي تي ??و آءِ سي جي ڪوششن جو ساٿ ڏيندي.