اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي ڪاروباري ادارن تي پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، ??وانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سي??پڪ??ري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، نامزد سفير پنهنجي ملڪن جي ڪاروباري ادارن کي سي??پڪ??ري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ج??پا??، ناروي، پولينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪيو. ج??پا?? جي نامزد سفير مٽسوهيروواڊا،ناروي جي نامزد سفير پير البرٽ لساس، پولينڊ جي نامزد سفير ماسيج پسارسڪي ۽ ڪمبوڊيا جي غير مقيم نامزد سفير انگ سين صدر مملڪت کي تقريب ۾ پنهنجون پنهنجون سندون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان ٻطرفي واپار ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، دوست ملڪن سان واپار کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت اهي، هن چيو ته غير ملڪي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، ??راعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، ??وانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سي??پڪ??ري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. صدر چيو ته نامزد سفير پنهنجي ملڪ جي ڪاروباري ادارن کي سي??پڪ??ري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. هن سفيرن کي پاڪستان جي ڪورونا جي خلاف سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. صدر افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي تي به زور ڏنو. صدر نامزد سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفير سياسي، تجارتي، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.