اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل ??فغ??نستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي جُون پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري صل??حڪ??ر شوڪت ترين، واپار واري صل??حڪ??ر رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ??فغ??نستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، ??فغ??نستان ۾ پاڪستان جو سفير منصور احمد خان ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ??فغ??نستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪستان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي ??فغ??نستان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان گذريل چار ڏهاڪن کان 30 لک ??فغ??ن پناهگيرن جي ميزباني ڪندو اچي رهيو آهي. هن چيو ته ??فغ??نستان کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پاڪستان مسلسل عالمي برادري کان فوري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آيو آهي، پاڪستان محدود وسيلن جي باوجود ??فغ??ن ڀائرن جي انساني معاونت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير ان نازڪ موڙ تي افعانستان جي اندر ۽ ٻاهر امن مخالف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏيهي وزير ??فغ??ن وفد کي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي ??فغ??نستان سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ ??فغ??نستان جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏيهي وزير ??فغ??ن وفد کي پاڪستان ۽ ??فغ??نستان جي وچ ۾ واپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ??فغ??نستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ??فغ??نستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان ??فغ??نستان جي خراب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.