اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ملاقات ڪئ?? ۽ ??راچي جي رهواسين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. هڪ ٽوئيٽ مو??ب ڪراچي جي ميئر بجلي جي بندش ۽ شهر ۾ ڊگهي وقت جي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي جو اظه??ر ڪيو. وسيم اختر چيو ??ه شديد لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪراچي جي صورتحال خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي، ڪراچي کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي وڃي.