اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت وڏن شهرن ۾ شاپنگ مالز کولڻ ۽ 20 مئي کان ٽرينون هل??ئڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، شاپنگ مالز ۽ بازارن ۾ سماجي فاصلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، ڪورونا وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، ڪاروباري طبقي جي سهولت لاءِ عيد جي ڏينهن ?? به صنعتون هل??ئڻ جي اجازت هوندي، اسان کي ڪورونا سان گڏوگڏ بک جو به مقابلو ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.