اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ بنا ڪنهن منصوبابندي جي آبادي جي پکيڙ جي مسئلي جي حل ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي ترجيحي بنيادن تي فراهمي جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪندي ??يو آهي ته وفاقي گادي واري شهر کي ماڊل سٽي بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. هو هت?? وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، گهر?? معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، خاص مددگار علي نواز اعواڻ، ايم اين اي راجا خرم شهزاد، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻيا س??نئر آفيسر شريڪ هُئا.