اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماڻهو گهرن ۾ نماز ادا ڪن ?? ڪوويڊ – 19 بابت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، جيڪڏهن صورتحال ??ڌيڪ خراب ٿئي ٿي يا عالمن سان معاهدي تحت هدايتن تي عمل نٿو ٿئي ته نماز ۽ تراويح جي باري ۾ فيصلي تي حڪومت نظرثاني ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صدر چيو ته عالم سڳورن سان معاهدي جي پهرين 17 نڪتا نماز ۽ تراويح جي دوران حفاظ??ي قدمن کي اجاگر ڪن ٿا، انهن احتياطي تدبيرن تي ??ور?? دنيا ۾ اتفاق راءِ آهي، هن چيو ته انهن احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد امام مسجد، مسجد ڪميٽين، ضلعي انتظاميه ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي.