اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪ??رو??ا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، وبا ۽ لاڪ ڊائون جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وئي آهي، ڪ??رو??ا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اسان کي پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقن ??و خصوصي خيال رکڻو آهي، سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطا قائم آهن، اها جنگ پوري قوم گڏجي کٽيندي، ڪ??رو??ا رليف فنڊ جي حو??لي سان 92 نيوز چيئنل جي لائيو ٽيلي ٿون ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪ??رو??ا جي ڪري ڪيل لاڪ ڊائون سبب پوري دنيا تي اثر پيا آهن، معيشت کي نقصان پهتو، اسان مستقبل ۾ ان جي اثرن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته موجوده بحران ۾ آمريڪا 2200 ارب ڊالر ۽ جاپان هڪ هزار ارب ڊا??ر جو رليف پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ته اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته 8 ارب ڊا??ر جو پيڪيج ڏئي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان وٽ وڌيڪ وسيلا نه آهن ۽ جيڪي دستياب آهن انهن کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ خيرات ڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ آهن، اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي ته اسان الله جي خوشنودي لاءِ زڪوات ۽ خيرات ڪندا آهيون، اها اسان جي طاقت آهي، انهي طرح اسان جا نوجوان به وڏي طاقت آهن، مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون هونديون، ان جو ڪنهن کي پتو نه آهي تنهن هوندي به اسان کي پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، اسان ان مقصد جي لاءِ پنهنجي انهن ٻنهي طاقتن کي استعمال ۾ آڻينداسين.