اسلام آ??اد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان برادرن ناتن کي وڌي?? اهميت ڏئي ٿو، عبدالله عبدالله جي دؤري سان پاڪ افغان ٻه طرفن ناتن ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. دؤرو ٻه طرفي واپاري ناتن کي وڌائڻ جي حوالي سان ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) لاءِ ڳالهين ۽ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني جو عمل جلد شروع ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطا??ق شاهه محمود قريشي ۽ افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪ??ئو??سل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ٿي.