اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن ان نظام کي منصفاڻو ۽ شفاف بڻائي سگهجي. هو ڪالهه سومر ڏينهن هتي ملڪ ۾ ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارن ج?? حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص معاونين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين، اڳوڻي ناڻي و??ري و??ير حفيظ پاشا، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا، نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻ، مراعات يافته طبقن پاران ٽيڪس نظام جي غلط استعمال کي روڪڻ، ٽيڪس جي چوري ۽ ٽيڪس اهلڪارن ج?? بدعنوانين ج?? خاتمي ۽ نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون ويون. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته منصفاڻو ۽ شفاف ٽيڪس نظام موثر طرز حڪومت ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۾ اهميت رکي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ حڪمران طبقي جتي پنهنجي مفادن ج?? ل??ءِ ملڪي و??يلن ج?? غلط استعمال ڪيو اتي ٽيڪس جي نظام ۾ وقت بوقت ان انداز ۾ تبديليو?? ۽ ??يرڦار ڪئي ويندي رهي آهي جو ٽيڪس جو سڄو بار عام عوام ۽ ننڍن واپاري?? ۽ ??اروباري برادري تي پوي ٿو جنهن سان ننڍي ۽ وچين درجي جو ڪاروبار ۽ خاص طور تي عام ماڻهو متاثر ٿيو آهي.