اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي پن??اب ۾ مڪڙن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اوزار خ??يد ڪرڻ جي ڏس ۾ 100 ملين رپيا، سول آرمڊ فورسز جي صلاحيت ۾ بهتري جي لاءِ 4.5 ارب رپيا ۽ ڪورونا وائرس جي ??با جي حوالي سان ميڊيا مهم هلائڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي لاءِ 500 ملين رپين سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري کي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن ??ي حوالي ڪرڻ ۽ ڪورونا وائرس جي ??با جي عرصي ۾ روزگار کي بچائڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ري فنانس اسڪيم جي رسڪ شيئرنگ فيسلٽي جي حد ۾ اضافي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.