اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهر??ن ملڪ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، جڏهن ته مملڪتي وزير شهريار خان آفريدي ٻڌايو آهي ته 1097 تبليغي ۽ زائرين کي گذريل پنج ڏينهن ۾ وطن وا??س آندو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ پارلياما??ي ڪميٽي زائرين، تبليغي جماعت ۽ ٻاهر??ن ملڪ ڦاٿل پاڪستانين جي فوري وطن واپسي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي افغانستان، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي